ظِل رحمان

ظِل رحمان

ظل رحمان

ظِل رحمان: ظِل رحمان عوامي جمهوريه بنگلاديش جو صدر، جنهن جو جنم ڪشور گنج، ضلعي ڀائي رب ٿاڻي نالحر وسنديءَ ۾ هڪ معزز مسلمان گهراڻي ۾ 9 مارچ 1929ع ۾ ٿيو. سندس والد مهر علي ميان مشهور وڪيل ۽ ميمين سنگهه (Maymem Singh) لوڪل بورڊ جو چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو ميمبر هو. هن شروعاتي تعليم ڪشور گنج مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ڀائي رب ڪي.بي هاءِ اسڪول مان 1945ع ۾ پاس ڪئي ۽ انٽر ڍاڪا ڪاليج مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1954ع ۾ يونيورسٽي آف ڍاڪا مان ايم.اي آنرز ۽ ايل.ايل.بي جون ڊگريون حاصل ڪيون. ظِل رحمان 1952ع ۾ ٻوليءَ واري تحريڪ دوران سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن ڍاڪا يونيورسٽي ۾ بنگلا ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي مطالبي بابت شاگردن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي هئي. پاڻ انهن يارنهن مشهور شاگرد اڳواڻن مان هڪ هو جن فضل حق هال ۽ ڍاڪا هال جي وچ ۾ 20 فيبروري 1952ع ۾ گڏجاڻي ڪري قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1953ع ۾ هن کي ڍاڪا يونيورسٽي جي فضل حق هال جي شاگرد يونين جو بنا مقابلي نائب صدر چونڊيو ويو. ٻوليءَ واري تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري يونيورسٽي انتظاميه هن جي ايم.اي جي ڊگري رد ڪري ڇڏي، جيڪا شاگردن جي شديد احتجاج ڪري يونيورسٽي جي انتظاميه کي واپس ڏيڻي پئي. 1954ع ۾ هي گريدر ميمنشنگ ڊسٽرڪٽ جي چونڊ ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو وائيس چونڊيو ويو هو. هن ’ارسٽ وائل ايسٽ پاڪستان سيڇا سيبڪ‘ ليگ جي صدر طور پڻ ذميواريون نڀايون هيون. هن کي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڍاڪا ضلعي بار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيون ويو هو. 1946ع ۾ برطانوي راڄ دوران سلهٽ ۾ ريفرنڊم جي حوالي سان اشتهاري مهم هلائڻ وقت ظِل رحمان جي شيخ مجيب الرحمان سان دوستي ٿي. 1962ع ۾ آمريتي راڄ خلاف هلندڙ تحريڪن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. 1966ع ۾ ڇهه نقاطي تحريڪ ۽ 1969ع ۾ عوامي بغاوت وارين تحريڪن ۾ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب جي ويجهو رهيو. 1970ع وارين چونڊن ۾ ظِل رحمان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. علحيدگي جي جنگ دوران پاڪستان سرڪار طرفان کيس 20 سال قيد جي سزا ڏني وئي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ پڻ ختم ڪئي وئي. هن بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ 1972ع ۾ بنگلاديش جي آئين ساز اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت ۾ ملڪ جو آئين ترتيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 1973ع ۽ 1986ع جي عام چونڊن ۾ پنهنجي اباڻي تڪ مان ميمبر چونڊيو ويو. هن کي لوڪل گورنمينٽ، رورل ڊولپمينٽ اينڊ ڪوآپريٽو وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. هن پارليامينٽ جي اندر ڊپٽي ليڊر جون ذميواريون پڻ 2001ع تائين ادا ڪيائون. 2001ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو.
هن 11 جون 2007ع ۾ بنگلاديش ۾ هنگامي حالتون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ عوامي ليگ جي صدر حسينه واجد جي گرفتاري کانپوءِ پارٽي جي قيادت سنڀالي. 2008ع ۾ عام چونڊن ۾ منتخب ٿي ملڪ جي صدر جي حيثيت سان حلف کنيو. 12 فيبروري 2009ع تائين بنگلاديش جي صدر جي حيثيت سان ذميواريون سنڀاليون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.03.09  عيسوي

ظِل رحمان جو جنم 9 مارچ 1929ع ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوڀو ڀڳت
حسن اي شيخ
جڊيجا اجئه
اثر سنڌي
ٽڪا خان
شوڀا لالچنداڻي
الهه بخش جنجهڻ
الهداد خان صوفي نواب
درويش سلطان ابراهيم شاهه
جمال الدين مؤمن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون